سنڌ دشمن منصوبن کي برداشت نه ڪيو ويندو؛ صوفي حضور بخش

سنڌ دشمن منصوبن کي برداشت نه ڪيو ويندو؛ صوفي حضور بخش

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) جيئي سنڌ محاذ (سرور سهتوگروپ) جي مرڪزي باڊي  جو اجلاس سن ۾ مرڪزي چيئرمين صوفي حضور بخش جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ فيض الله جوڻيجو، علي نواز ٻٽ، پروفيسر آزاد قاضي، آدم ٻٽ، اختر ڪاڪيپوٽو، سهيل سهتو، اشرف عمراڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺندي موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هزارين سالن کان وجود رکي ٿي جنهن خلاف پاڪستان ۾ مختلف وقتن تي سازشون ڪيون وڃن ٿيون. تازو ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي حمايت سان آئين جي آرٽيڪل 139 جي شق 4 تحت صوبي کان اختيار کسي مرڪز حوالي ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ته جيئن صوبي کي ورهائي سگهجي اهڙي بل جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي ان خلاف مزاحمت پڻ ڪئي ويندي. جڏهن ته جن سنڌ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بل جي مخالفت ڪئي انهن جي واکاڻ ڪيون ٿا. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي انتباه ڪيو ويو ته سنڌ دشمن منصوبن جو حصو نه بڻجي اجلاس ۾ ساڃاه وندن ۽ قومپرستن سان رابطا ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪري گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پارٽي جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم سرور سهتو جي 3 ورسي 6 نومڀر تي سندس اباڻي ڳوٺ بڌڪ جڏهن ته مرحوم قاسم پٿر جي ورسي 22 ڊسمبر تي بٺورو ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پارٽي جي مرڪزي نيشنل ڪانگريس جو اجلاس دادو ۾ 16 ڊسمبر تي ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو