شهرين جي ڪاوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو آهي

شهرين جي ڪاوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ هڪ ٻئي شهري جو موت انتظاميا جي پيشاني تي داغ آهي،هڪ بيان ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته ڊمپر مافيا جي بيجا طرفداري شهرين جي موت جو سبب بڻجي رهي آهي، پٺتي پيل ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ڊمپر ۽ ٽينڪرن جو شڪار ٿي رهيا آهن.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته جيڪي ماڻهو وڏين گاڏين ۽ باڊي گارڊن سان گڏ گھمندا آهن انهن کي درد محسوس ٿيڻ گهرجي، اهو سمجھ کان ٻاهر آهي ته صوبائي وزير ڊمپر مافيا خلاف ڇو نٿا ڳالهائين.

پهنجو تبصرو موڪليو