پاڻي کوٽ لاءِ دعا جو ڏينهن ملهايوويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي سڏ تي پاڻي جي کوٽ لاءِ دعا جو ڏينهن ملهايو ويو، آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد دعا گهري، ان موقعي تي ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته سموري سنڌ جي رھواسين جا شڪر گذار آھيون جن اڄ سمورين درگاھن تي پاڻي جي کوٽ خلاف دعا گھري. هن چيو ته بجلي، گيس ۽ ھاڻي پاڻي جي کوٽ ڪئي پئي وڃي وفاقي سرڪار مسلسل سنڌ سان ناجائزي ڪري رھي آھي. ارسا چوي ٿو پاڻي ڇڏيو ويو آھي پر ھن وقت تائين پاڻي ناھي پھتو، سنڌ جي اعتراضن تي ڪو به ڌيان نٿو ڏئي، نااھل حڪمران پاڻي ورڇ درست ناهي ڪئي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم نفرتن جي سياست ڪري رھي آھي، پ پ نفرت جي سياست ڪڏھن ناھي ڪئي سڀ جيڪي ھتي رھن ٿا اھي سنڌي آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو