سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، 3 ڄڻا فوت، 5 زخمي

ڪشمور/ ٽنڊو غلام حيدر (جي ايم کوسو/ مير حسن رند) روجھاڻ ٿاڻي جي حد مياڻي فاٽڪ انڊس ھاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪشمور واسي 2 ڄڻا امام بخش ۽ غلام شبير مرزادو ٿڏي تي فوت ويا جڏھن ته موج علي ميرزادو زخمي ٿي پيو جن کي روجهاڻ اسپتال آندو ويو. ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واضح رهي ته فوت ٿيندڙ ڪشمور واسي مال جا واپاري هيا جيڪي روجهاڻ مال پڙي تي مال وٺڻ لاءِ وڃي رهيا هئا

ٻئي طرف ٽنڊو غلام حيدر مان مير حسن رند مطابق شاھ واھ بس اسٽاپ حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار ٻن ڪارن ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لغاري برادري سان تعلق رکندڙ ٻن نوجوانن وسيم لغاري، مظهر لغاري سميت 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون جن کي فوري طور علاج لاءِ ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال پهچايو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي 20 ورهين جو ڳڀرو نوجوان وسيم پٽ رئيس خان محمد لغاري فوت ٿي ويو جڏهن ته زخمي مظهر لغاري جي طبيعت خراب هئڻ سبب ڊاڪٽرن کيس حيدرآباد سيول اسپتال اماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو