ڪراچي( نمائندن وٽان) جهڏو ۾ عوامي تحريڪ پاران اياز کوسو، رمضان لنڊ، محب ڀيل، جي اڳواڻي ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي، پراڻ ندي جي بحالي لاءِ عوامي نگر پاڙو کان ريلي ڪڍي ٽائون ڪميٽي وٽ مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل کي وڪرو ڪري سنڌ جي سونهن کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن جنهن کي سنڌ جي باشعور عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو، جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھ پراڻ ندي کي سنڌ سرڪار بحال نه ڪرائي سگهي آهي پراڻ ندي تي قبضن سبب جهڏو تعلقو 3 ڀيرا ٻڏي تباهه ٿيو آهي ان باوجود سرڪار پراڻ جي بحالي لاءِ ڪي به اپاءَ نه پئي وٺي هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پراڻ ندي کي فوري طور بحال ڪري ڪارونجهر جي ڪٽائي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي…….پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو پاران گذريل ڏينھن سنڌ جي موجودھ حڪومت پاران ٺٽي شھر ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن خاص طور تي ڪارونجھر جبل جي نيلامي خلاف ھڪ احتجاجي ريلي ننگر پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ڪڍي وئي جيڪا مين نيشنل ھاء وي تان ٿيندي ٺٽو چوڪ پھچي پڄاڻي تي پھتي انھي موقعي تي ننگر پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين سان ڳالھائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو جي اڳواڻن بابو احسان ڀٽو – ذوالفقار بروھي ـ نور حسن ٿھيم – ڊاڪٽر راشد ڀٽو – مرتضي’ ڀٽو ـ اصغر جاکرو ـ آڪاش ڀٽو ـ ساجن ڀٽو – انور ڀٽو ـ حاجي رمضان بروھي ـ گل بقا ڀٽ ـ ثنااللھ ميمڻ ـ بابو الھبخش ڀٽو ـ راجا ڀٽو ـ عزير ڀٽو سميت مختلف اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ سنڌ حڪومت پاران نـ صرف ڪارونجھر جي نيلامي جي خلاف آھن پر سنڌ جي وسيلن خاص طور تي ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ سنڌ حڪومت ۽ سندن واٺن ۽ ڌارين پاران ڪوھستان جي زمينن تي جيڪا والار ڪئي پئي وڃي ۽ قڀضا ڪيا پيا وڃن ناقابل برداشت آھن اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ سنڌ جا ڪرپٽ آفسير ۽ وڏيرا شاھي سنڌ دشمن آھن اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ نـ صرف ٺٽو پر سموري سنڌ ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو پاران احتجاج جاري آھي جيستائين سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڪارونجھر جبل جي نيلامي کي نـ روڪيو ويو سندن احتجاج جاري رھندو احتجاجي ريلي ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن سميت ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
