سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پارو 50 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پارو 50 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ هيٽ ويو جو امڪان ظاهر ڪندي ٻڌايو ته 25 کان 31 مئي جي دوران گرمي پد معمول کان 6 ڊگري تائين وڌي سگهجي ٿو. موسميات کاتي موجب اندرون سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. انهي سان گڏ ئي موسميات کاتي شهرين، هارين ۽ بزرگن کي غير ضروري طور تي اُس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو