ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ٻوڏ کي اڍائي مهينا گذرڻ باوجود مختلف شهرن ۾ پاڻي جمع ٿي رهيو آهي.بدين ضلعي جي علائقي حيات خاصخيلي ۾ هر طرف پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب شهر اڪثر ويران آهي.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته شهر مان پاڻي جي نيڪال کي جلد يقيني بڻائي ته جيئن رونق بحال ٿي سگهي.ٻئي طرف دادو جي پنجاهه کان وڌيڪ ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال نه ٿي سگهي، سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه ۽ ڪمند جو فصل تباهه ٿي رهيو آهي.هوڏانهن خيرپور ناٿن شاهه جو مصروف ترين تجارتي مرڪز ٻيڙين سان ڀريل آهي، گٽرن ۽ بدبودار پاڻي سبب زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويو آهي، شهري پريشان آهن.ٻئي طرف نوشهروفيروز جي علائقي ڀريا روڊ ۾ انتظاميا متاثرن کي خيما لڳائي ڇڏيا آهن. متاثرن کي راشن ۽ طبي سهولتن جو انتظار آهي.ڪئمپن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مليريا، گيسٽرو، ڊائريا ۽ ٻين بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.










