سنڌ جي سياحتي ماڳن جا تفصيل ڊجيٽلائيز ٿي ويا

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) سنڌ جي سياحتي ماڳن جو سير ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ويب پورٽل پڌرو ڪيو ويو آهي. سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن طرفان صوبي جي سمورن سياحتي ماڳن کي ڊجيٽلائيز ڪري ويب پورٽل ٺاهيو ويو آهي جتي 21 سياحتي ماڳن بابت معلومات موجود آهي. ڊجيٽل پورٽل جي مدد سان سياحتي ماڳن ۾ گهمڻ، رهڻ ۽ ٻين سهوليتن جي اڳواٽ بڪنگ ڪرائي سگهجي ٿي. ويب پورٽل تي ڪو به شهري پنهنجو اڪائونٽ به ٺاهي سگهي ٿو.  

پهنجو تبصرو موڪليو