سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ ۾ حڪمرانن جو هٿ آهي؛ مقرر

ڊگهڙي (سيد بشير شاھ) سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڊگهڙي ۾ تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، اميربخش جروار، اشرف رند، نورمحمد خاصخيلي، تاج بلوچ، محب ڀيل، سونهارو نوحاڻي، ممتاز کوسو، شگن ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلوچ ڪالوني کان هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن کان ٿيندي مين محمدي چوڪ پهتي جتي ريلي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻڻ چيو ته سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ ۾ حڪمرانن ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي جنهن ڪري سنڌ جو هاري هن وقت ڏکين حالتن ۾ زندگي گهاري رهيو آھي. تازو ئي فصلن تي ماڪڙ جي حملي فصلن کي تباھ ڪري ڇڏيو پر حڪومت طرفان ماڪڙ مارڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا سنڌ ۽ وفاقي حڪومت صرف زراعت جي تباهي جو تماشو ڏسندي رهي. هنن چيو ته هارين جي ڀلائي لاءِ جاگيردار حڪمرانن جي ايجنڊا شامل ناهي انهي ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ٽينينسي ايڪٽ بابت ڏنل فيصلي تي پڻ اڃان تائين عمل ناهي ڪرايو ويو. پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري سنڌ جا پوڇڙ وارا ضلعا تباھ ڪيا ويا آھن پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي چڪو آھي هارين کي زمينون الاٽ ڪري کين مستقل رهائش جو بندوبست ڪري ڏنو وڃي هاري جيڪو لنڊيون لتاڙي فصل پچائي مارڪيٽ تائين پهچائي ٿو انهن جي ٻچن جا اڄ به انگ اگهاڙا آھن روزاني ڪيترائي معصوم ٻار بک وگهي مري رهيا آھن ۽ هاري غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن سندن ٻارن لاءِ معياري تعليم ۽ صحت جو پڻ بندوبست ناهي ڪيو ويو. ان موقعي تي ننڍڙي قومي راڳي امن جروار قومي گيت پيش ڪري ماحول کي گرمائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو