جگر جي عارضي ۾ مبتلا ڀلوڙ راڳي الهداد زرداري فوت

مورو(مورائي اياز سولنگي) جڳ مشهور راڳي ۽ الهداد زرداري انتقال ڪري ويو آھي هو گذريل پنجن سالن کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو. ثقافت کاتي سميت ڪنهن به سندس سارسنڀال نه لڌي هئي، نه ئي سندس سرڪاري سطح تي علاج ڪرايو ويو. هن جي جنازي نماز مورو ڀرسان ڇنڇ تي رات ڏھ بجي ڳوٺ مڪراري  درگاه ٻڍل شاھ وٽ ادا ڪئي ويندي. وفات جي خبر پوڻ تي شھر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آھي خبر پوڻ تي ماڻھو سندس جي رهائش گاه تي پهچڻ شروع ٿي ويا آھن فنڪار الهداد زرداري 1975 کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي سندس گائڪي ۾ ٻه استاد جنهن ۾ فوٽو خان زرداري ۽ مٺو خان ميراثي سندس فن جا استاد هئا. هو 800 کان مٿي ڪيسٽن جا البم ڪري چڪو هو ۽ سنڌ جي نالي وارن شاعرن جي شاعري ڳائي خوب داد ۽ مقوبليت حاصل ڪئي. فنڪار الهداد زرداري پاڪستان سميت ٻاهرين ملڪن سعودي عرب دبئي ۽ انڊيا سميت مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪيو سندس ٻه شاديون ٿيل هيون جنهن مان کيس 4 پٽ ۽ ڏھ نياڻين جو اولاد آھي هن پنهنجي زندگي ۾ ڪافي شاگرد تيار ڪيا سندس پرستارن ۽ ٻڌندڙن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آھي سندس جو خال ڪڏهن به نه ڀرجي سگهندو ياد رهي ته هو حيدرآباد ڪراچي  جي اسپتالن ۾ پنهنجي مدد پاڻ فنڪارن جي مدد تحت علاج ڪرائيندو رهيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو