سنڌي رومن لِپيءَ ۾ لکڻ جو مسئلو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ويهين آگسٽ 2019ع تي شڪارپور جي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر محترمه صفيه عباسيءَ رومن رسم الخط / لپيءَ ۾ هڪ سرڪيولر جاري ڪيو، جنهن تي سڄيءَ سنڌ ۾ وڏو بحث ڇڙي پيو. سنڌ جي تعليم کاتي محترمه صفيه کي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو چيو. تعليم کاتي پنهنجي حڪم ۾ ڪو به سبب نه ڄاڻايو آهي. رومن رسم الخط  جي حق ۾ وڏي عرصي کان ڪجهه عالم لکندا ۽ ماحول جوڙيندا پيا اچن . ان سلسلي ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ حليم بروهي صاحب جي ڪوشش مثالي آهي. جڏهن کان سوشل ميڊيا جو واهپو وڌيو آهي ۽ هٿن ۾ موبائيل فون واري ننڍڙي اسڪرين ۽ ڪِي بورڊ آيو آهي ته ، ٽيڪنالاجيءَ اسان کي سنڌي ٻولي رومن ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو آهي. رومن ان ٽيڪنالاجيءَ جي لِپي آهي. ساڄي ۽ کاٻي کان لکجندڙ غير رومن رسم الخط واريون لڳ ڀڳ سموريون ٻوليون رومن ۾ لکجڻ شروع ٿي ويون آهن. اسان وٽ سنڌيءَ کان سواءِ اردوءَ جو به مثال سامهون آهي. اسان جو نئون نسل ان کي سولو سمجهي ٿو. توڙي جو اسان وٽ سنڌي رومن ۾ لکڻ جو رواج وڌندو پيو وڃي ان صورت حال کي ڏسي جيڪڏهن رومن لکت واري طريقي کي اختيار ڪجي، تڏهن به سنڌي ٻولي  ترقي نه ڪري سگهندي. بلڪه وڌيڪ نقصان ۾ ويندي، ڇاڪاڻ ته (1)اسان جي تعليمي نظام جو معيار ڪِري پيو آهي. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي تعليم پوئتي پوندي پئي وڃي. جيڪي استاد سنڌي ٻوليءَ جا ماهر هئا، سي ڪي مري ويا، ڪي رٽائر ٿي ويا ته ڪي مايوس ٿي ويا آهن، هن دور جي اڪثر سنڌي اُستادن کي صحيح نموني سنڌي اچي ئي نه ٿي . جڏهن ٻَٽن صدين کان رائج رسم الخط لاءِ استادن جي اها صورت حال هجي ته نئين رسم الخط رائج ڪرائڻ لاءِ استاد ڪٿان ايندا ۽ ايترا پئسا ڪٿان ايندا؟ (2) موجوده لپيءَ ۾ لکيل علمي ادبي ۽ ثقافتي ذخيري جو ڇا ٿيندو؟ سموري مواد کي رومن لِپيءَ ۾ آڻڻ جهڙوڪر ناممڪن آهي. (3) ماضيءَ ۾ به سنڌي ٻوليءَ جون مختلف لپيون رائج رهيون آهن، انهن مان اڪثر هلي نه سگهيون ، پنج سئو يا هزار سال پهريان سنڌي ٻولي جنهن به رسم الخط ۾ لکي ويندي هُئي، ان ۾ ايترو علمي ۽ ادبي ذخيور موجود نه هو. جيڪڏهن هو به ته ٻاهريان ايندڙن اهو ذخيرو تباهه ڪري ڇڏيو. هنن سنڌي ٻوليءَ کي ئي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. اهو نه ڪري سگهيا تڏهن به هو رسم الخط تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.  موهن جي دڙي واري صورتخطي اڄ تائين ڪو پڙهي نه ٿو سگهي. اٺين صدي عيسويءَ ۾ قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو هو پر اهو ترجمو اڄ تائين نه لڌو آهي. ان وقت اڄ واري عربي سنڌي رسم الخط ته ڪونه هئي، پڪ سان ڪا ٻي رسم الخط هوندي، جنهن کي ختم ڪري عربي ۽ فارسي سنڌي رسم الخط شروع ڪرائڻ ۾ عرب سڳورا ڪامياب ويا. انگريزن جي زماني ۾ 1853ع ۾ان صورتخطيءَ جو رڳو هڪ معيار مقرر ڪري سرڪاري حيثيت ڏني وئي.  (4) رومن انگريزي رسم الخط جا 26 اکر آهن، جن ۾ سنڌيءَ وارا ڪيترا ئي آواز ۽ اُچار به ناهن، ٻن اکرن ملائڻ سان به مشڪل ٿي پوندي. جيڪڏهن زور مس ڪري رومن سنڌي رسم الخط ٺهي ته ان ۾ به تمام گهڻا نقص هوندا. ڇا انهن عيبن جي بنياد تي اڳتي هلي ڪاٻي رسم الخط اختيار ڪجي؟ (5) رومن لکت کانسواءِ وارين ٻولين جهڙوڪ : عربي، فارسي ، چيني ، هندي ، جپاني وغيره پنهنجين رسم الخطن تي قائم آهن. پر اسان پريشان آهيون. هنن ٽيڪنالاجيءَ کي مجبور ڪيو آهي ته ، اُها سندن ٻولين جي لِپين کي قبول ڪري. ان بنياد تي هو ٻولين کي ترقي وٺرائي رهيا آهن.  (6) اسان جي نئين نسل جي ڪيترن ئي ماهرن سنڌي ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ترقي ڏيارڻ ۾ وڏا ڪم ڪيا آهن. اُهي ڪارناما رائج رسم الخط ۾ ڪن پيا. تنهن هوندي به تمام گهڻيءَ جاکوڙ ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ثقافت جي وزير سيد سردار علي شاهه پاران ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ جو قيام به ساراهڻ جوڳو آهي.  (7) هند جي ڪجهه سنڌي اديبن جو خيال آهي ته ديوناگري رسم الخط ٿيڻ کپي. ان ۾ به تمام گهڻا مونجهارا آهن.  هيري ٺڪر صاحب کي جڏهن قاضي قادن جا بيت هڪ مڙهيءَ مان مليا هئا، هُن انهن بيتن کي عربي سنڌي رسم الخط ۾ آڻڻ لاءِ جيتري تڪليف ۽ ڏکيائي محسوس ڪئي هئي، ان جو احوال سندس ڪتاب مان پڙهي ڏسو ته اوهان کي اندازو ٿيندو. اهو ئي سبب آهي ته هند جا اڪثر اديب ۽ شاعر عربي سنڌي رسم الخط کي قبول ڪن ٿا.  (8) اسان جا رومن سنڌي رسم الخط جا طرفدار دوست ان جي حق ۾ اهو دليل ڏيندا آهن ته ان وسيلي اسان جي ٻولي نئين نسل ۾ آسانيءَ سان منتقل ٿيندي. ان حوالي سان منهنجو خيال آهي ته هن وقت نئين نسل لاءِ رسم الخط جو مسئلو گهٽ دلچسپيءَ جو مسئلو وڌيڪ رهيو آهي.

هو چيني ته سِکي وڃن ٿا پر سنڌيءَ وقت بهانن جا انبار لڳائي ڇڏن ٿا. اڪثريت نئين نسل جي ته اهڙي آهي، جنهن کي صحيح نموني نه سنڌي اچي ٿي، نه انگريزي ۽ نه وري اردو اچي ٿي.  (9) موجود رسم الخط توڙي جو مذهبي بنياد تي رائج ٿيل آهي پر هن وقت ان کي مذهبي رُخ بدران رُڳو سنڌي ٻوليءَ جي مڃيل رسم الخط جي نظر سان ڏسڻ گهرجي. ان ۾ تبديلي هڪ وڏي بُحران کي جنم ڏيندي ، جنهن سبب اسان صديون پوئتي ڌڪجي وينداسين . سنڌي ٻولي هٿن مان نڪري ويندي. نئون نسل بيزار ٿي ويندو.  سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ جو وڏو هٿيار معياري ۽ لازمي سنڌي تعليم آهي. پرائمري سنڌي ماردري ٻوليءَ ۾ پڙهائڻ کان پوءِ سنڌي مضمون کي ٻين مضمونن سان گڏ يونيورسٽيءَ سطح تائين جاري رکيو وڃي. استادن جي تربيت ٿيڻ گهرجي. حڪومت مؤثر تعليمي نظام لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي، مائٽ سنڌي مضمون جي تعليم کي رڳو معاشي نظر سان ڏسڻ گهٽائن. اسان سڀ ان کي قومي فرض سمجهي ترقي ڏياريون ته ٿورڙي ئي وقت ۾ بهترين نتيجا اچي سگهن ٿا.

سنڌي رومن لِپيءَ ۾ لکڻ جو مسئلو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو” هڪ تبصرو

  1. اوهان ماشاع الله بهترين ڪم ڪري رهيا آهيو۔
    اسان کي به ان ڳالهه جي خوشي آه ته اسان جي قوم هي اوهان جا خط پڙهي انشاءالله ضرورو اڳتي وڌندي

پهنجو تبصرو موڪليو