سنڌي ادبي سنگت پاران بحريا ٽائون جي قديم وسندين تي والار خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان شڪارپوررپورٽعبدالخالق سومرو) سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران بحريا ٽائون جي سنڌ جي قديم وسندين تي والار خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڳن ناٿ پبلڪ لائبرري کان نڪتل ريلي پريس ڪلب شڪارپور پھتي جتي مختيار سومرو، همير چانڊيو، ممتاز منگي، عبدالستار ڪلادي، زاهد ڀنڀرو، اسد سومرو ۽ عمران منگي  ۽ ٻين چيو ته سياسي آشيرواد سان سرمائيدار طبقو سنڌ جا قديمي ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪرڻ چاھي ٿو جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ھنن چيو ته سنڌ کي ترقيءَ جي نالي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، جنهن جي سنڌ جو هر شعوروند مذمت ۽ مزاحمت ڪري رھيو آھي احتجاج ڪندڙن چيو ته ترقيءَ جي نالي تي سنڌ جي ڊيمو گرافي تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين جڏھن ته ريلي ۾ سياسي سماجي ڌرين سميت شھرين پڻ شرڪت ڪئي.ٺٽو(ڊر) سنڌي وسنديون، قديم آثار ڊاھڻ ۽ بحريا ٽائون رٿا خلاف سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي ساس شاخ ٺٽي طرفان پبلڪ پارڪ مڪلي کان پريس ڪلب مڪلي تائين ھڪ احتجاجي مظاھرو سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ رمضان ميمڻ، لال بخش ڪاتيار، فقير اڪرم،  ايس ٽي پي جي اڳواڻ اياز لاشاري، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ياسر جاکرو، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي دوست علي لغاري، عوامي رابطہ تحريڪ جي امجد پليجو، گسٽا اڳواڻ غلام نبي خشڪ، سماجي اڳواڻ گلاب لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو ته بحريا ٽائون جي آڙ ۾ ڌرتي ڌڻين کان اباڻا پڊ ۽ زمينون کسي کين بي دخل ڪيو پيو وڃي، قديمي آثار، تاريخي ڳوٺ مسمار ڪري مقامي آبادين جو جئين جنجال ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته سنڌ حڪومت ملڪ رياض جي حامي بڻيل آھي جنھن جي اشاري تي ڌرڻي ڌڻين کان زمينون، ڳوٺ، گھر خالي ڪرائي سنڌ جيڪو عمل ناقابل برداشت آھي، ھنن چيو ته بحريا ٽائون منصوبي کي فورن روڪي ملڪ رياض تي دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، احتجاجي مظاھري کي جلال شاھ، شبير ڀٽي، منور ڀٽو، طارق امر عباسي، محمد علي خٽڪ، غلام حسين خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)سنگت جي مرڪزي سڏ تي بحريا  ٽائون خلاف ڦلجي، پيارو، پاٽ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جا قديم ڳوٺ، وسنديون ڊاهڻ، سنڌ جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ بحريہ ٽائون خلاف اعلانيل مظاهرن تي ساس شاخ ڦلجي اسٽيشن، پيارو اسٽيشن ۽ پاٽ شريف پاران سيڪريٽري محمد نواز چانڊيو، نياز الاهي ابڙو، گلزار پاٽائي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڌار، ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون، مظاهرن ۾ خادم جويو، آخوند نور احمد، وفا ياسين آرائين، جهانگير آرائين، وقاص ياسين، امان الله لهٻر، بشارت ابڙو، شبيرڻ پاٽائي، اظهار ڪلهوڙو، حاڪم بٺڙ، اسلم ملاح، اياز ملاح، اسد بٺڙ ۽ شاخن جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، هنن چيو ته بحريا ٽائون مڪمل طور غير قانوني آهي، سنڌ جا قديمي ڳوٺ، وسنديون، آباديون ڊاهي انسانيت سان ظُلم ڪيو پيو وڃي پر وفاق توڙي صوبائي حڪومت تماشو پئي ڏسي، بحريا جو مالڪ ملڪ رياض قانون جون بڃڪڙيون پيو ڪري پر ڪورٽون به نوٽيس نه پيون وٺن، مظاهرين سپريم ڪورٽ، سنڌ هاء ڪورٽ کان مطالبو ڪيو تہ قديمي وسنديون ڊاهڻ ۽ قبضا گروپ بحريا  خلاف نوٽيس وٺي ملڪ رياض کي گرفتار ڪيو وڃي نئون ڪوٽ (رپورٽر پيارعلي نهڙيو )  سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ پاران ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪراچي جا قديم ڳوٺ ڊاهي مسمار ڪرڻ خلاف شاعرن اديبن پريس ڪلب نئون ڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مصطفي خاصخيلي، اياز رضوي، رحمان نهڙيو، غلام ﷲ بچاڻي ،وفا محمود ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ ڪنهن جي جاڳير ناهي اسان سنڌ جي وسيلن تي ڌارين کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسون هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي وسيلن کي ذاتي ملڪيت سمجهي نيلام ڪرڻ بند ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندوپنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار)بحريا ٽائون پاران سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪري قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي ادبي شاخ پنوعاقل جي طرفان عيد گاھ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي س ا س سکر جي رابطا سيڪريٽري بيخود بلوچ ، پنوعاقل شاخ جي سيڪريٽري مائل مير ، امداد مھر ، امداد جسڪاڻي ، اسد چاچڙ ، ناصر ، عبدالغفار ٿھيم ، لالا شعبان ، غفار ايم ڪلوڙ  ڪئي مظاھري ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ قومپرستن پڻ شرڪت ڪئي جنھن ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي جا قلمڪار شاعر ء اديب سنڌ جا قديم ڳوٺ ڊاھڻ وارو عمل ڪڏھن به برداشت نہ ڪندا ھنن چيو ته بحريا ٽائون سنڌ جي تباھي جو منصوبو آھي جنھن کي قبول نه ڪيو ويندو ھنن چيو ته سنڌ جا اديب سنڌ جي مسئلن تي اڳ به روڊن تي ھئا اڄ به سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ميدان عمل ۾ آھن .ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: ظھير وسير ) سنڌ ادبي سنگت ڏهرڪي پاران قديم سنڌي وسندين کي ڊاهڻ،سنڌ جي زمين تي زور زبردستي قبضو ڪري بحريه ٽائون ٺاهي اصلوڪن رهواسين کي لڏائي دربدر ڪرڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي پاران مرڪز جي سڏ تي اڄ آچر ڏينهن پريس ڪلب ڏهرڪي تي احتجاجي مظاهرو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ۔احتجاجي مظاهري ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين ملزم سومرو،مسافر پتافي ،غفار سومرو ،جي ايم لاڙڪ ،زاهد علي  ڀٽو ،محمد دين راڄڙي،فداملڪ ،سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي آرگنائيزر ڄام عدالفتاح سميجو ،آفتاب خان شر ،ڄام مجيب سميجو  ،گلزار شر ،معروف سميجو زبير چاچڙ ،اسداللّه سميجو ۔سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سکر جي ڊويزنل اڳواڻ حاتن خان شر ،دلدار فقير -قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ تراب علي شر ،فنڪشنل ليگ جي ضلعي اڳواڻ ميان عبدالمالڪ عرف ميان مجن سائين ،فقير عبدالفتح جلباڻي۽  يوٿ فورم جي ڪئلاش ڪمار سميت  شهر جي علمي ادبي، سياسي سماجي ڌرين ،هارين مزدورن ،وڪيلن ،استادن شاگردن سميت عام شهرين کي هن سنڌ دشمن منصوبي خلاف ٿيندڙ هن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ، احتجاجي مظاهري ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو ،حاتن خان شر ،فدا ملڪ ،تراب علي شر، زاهد علي ڀٽو ،محمد دين راڄڙي ،آفتاب خان شر چيو ته بحريه ٽائون منصوبو پاڪستاني رياست اندر اسرائيلي طرز جو منصوبو آھي جنهن سازش ۾ ڌارين سان گڏ هتان جا ديسي دلال به مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آھن ۔بحريه منصوبو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ  جي سازش جو حصو آھي ۔سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌ جي ساڃاھ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ دشمن منصوبي  کي رد ڪري ٿي ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: ظھير وسير ) سنڌ ادبي سنگت ڏهرڪي پاران قديم سنڌي وسندين کي ڊاهڻ،سنڌ جي زمين تي زور زبردستي قبضو ڪري بحريه ٽائون ٺاهي اصلوڪن رهواسين کي لڏائي دربدر ڪرڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي پاران مرڪز جي سڏ تي اڄ آچر ڏينهن پريس ڪلب ڏهرڪي تي احتجاجي مظاهرو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ۔احتجاجي مظاهري ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين ملزم سومرو،مسافر پتافي ،غفار سومرو ،جي ايم لاڙڪ ،زاهد علي  ڀٽو ،محمد دين راڄڙي،فداملڪ ،سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي آرگنائيزر ڄام عدالفتاح سميجو ،آفتاب خان شر ،ڄام مجيب سميجو  ،گلزار شر ،معروف سميجو زبير چاچڙ ،اسداللّه سميجو ۔سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سکر جي ڊويزنل اڳواڻ حاتن خان شر ،دلدار فقير -قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ تراب علي شر ،فنڪشنل ليگ جي ضلعي اڳواڻ ميان عبدالمالڪ عرف ميان مجن سائين ،فقير عبدالفتح جلباڻي۽  يوٿ فورم جي ڪئلاش ڪمار سميت  شهر جي علمي ادبي، سياسي سماجي ڌرين ،هارين مزدورن ،وڪيلن ،استادن شاگردن سميت عام شهرين کي هن سنڌ دشمن منصوبي خلاف ٿيندڙ هن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ، احتجاجي مظاهري ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو ،حاتن خان شر ،فدا ملڪ ،تراب علي شر، زاهد علي ڀٽو ،محمد دين راڄڙي ،آفتاب خان شر چيو ته بحريه ٽائون منصوبو پاڪستاني رياست اندر اسرائيلي طرز جو منصوبو آھي جنهن سازش ۾ ڌارين سان گڏ هتان جا ديسي دلال به مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آھن ۔بحريه منصوبو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ  جي سازش جو حصو آھي ۔سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌ جي ساڃاھ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ دشمن منصوبي  کي رد ڪري ٿي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو