سنڌيار سٿ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي جس لهڻي؛ اڳواڻ

خانواهڻ(عاجز امتياز نوح پوٽو)روزاني سنڌ يار سٿ ۽ سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ طرفان هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان سان اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان جسقم،سنڌي ادبي سنگت، شاھ لطيف فائونڊيشن، ڪسوا، آئيڪون اڪيڊمي اسڪول ۽ ٻين تنظيمن طرفان شاھ لطيف ڪالوني کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ملاح پاڙو، ميمڻ پاڙو شاهي بازار کان ٿيندي عيد گاه چؤنڪ تي پهتي ته دڪاندارن مٿن گلن جي ورکا ڪئي. جڏهن ته يونين ڪائونسل خانواهڻ جي چيئرمين غلام ڪبريا ڪونڌر جي طرفان ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ۾ ايڪتا عيد جي مٺائي ورهائي وئي. ريلي کي جسقم ضلعو نوشھروفيروز جي نائب صدر فقير سڌير تنيو، ساس شاخ خانواهڻ جي سيڪريٽري پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي، وحيد تنيو،حاڪم علي ڪونڌر،رياض پارس ملاح،مظھر ڪلهوڙو، پرويز حسين ڀنڊ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يار سٿ،ادبي سنگت ۽ آل ميڊيا گروپن ايڪتا ڏهاڙو ملهائي سنڌ جي ثقافت کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آھي ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي ثقافت جي سڃاڻپ ڪرائي آهي،هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي تهذيب تمام گهڻي قديم آهي ان کي اپنائڻ اسان سڀن جو فرض آهي. ان موقعي تي ثقافتي مشاعرو به ڪرايو ويو جنهن جي صدارت بزرگ شاعر ۽ اديب شوق خانواهڻي کي ارپي وئي ۽ شاعرن نديم انڙ، عزيز ڀنڊ، مسرور الطاف نوح پوٽو، سفير ساجد خشڪ ۽ ٻين سنڌ امڙ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. آخر ۾ محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ فقير غوث بخش تنيو، عبد الغفورسحر، حسين بخش ورياھ ۽ ٻين قومي گيت ڳائي واه واه ڪرائي ڇڏي. ثقافتي ريلي ۾ ارشاد احمد هرياءُ، محرم علي کوکر، عيدالجبار راجپوت، سجاد احمد نوح پوٽو، ڪامران سهتو،ظفر سومرو ۽ ٻين سياسي، سماجي،مذهبي اڳواڻن، شاعرن،اديبن،صحافن ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو