سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، چانڊيو

سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، چانڊيو

نواب ولي محمد)ن س) 4 اپريل مورو ۾ ڪئنالن خلاف اعلانيل احتجاج جي ڪاميابي جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو نواب ولي محمد پهچي مختلف سياسي سماجي ماڻهن کي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏيندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي درياءَ مٿان 6 تڪراري ڪئنال ڪو به سنڌي ٺهڻ نه ڏيندو ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ جي زراعت آبي جيوت لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون انڊس ڊيلٽا سميت معيشت متاثر ٿيندي هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته سخت مزاحمت ڪنداسين ان موقعي تي ناليوارو شاعر مهر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، يونين ڪائونسل احمد ٻگهيو جو چيئرمين خميسو خان ڀنڊ، ايس يو پي اڳواڻ مجيب ماڇي، زين ڀٽو، زوھيب لاکو، آڪاش لاکو، شاھنواز خاصخيلي، قادر بخش کورکاڻي، ظفر علي چانڊيو، اعجاز سنگراهه، رفيق کورکاڻي، بلاول لاکو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

پهنجو تبصرو موڪليو