سموري سنڌ ۾ ڪئنال منصوبي خلاف پنڌ مارچ،احتجاج،ڌرڻا

سموري سنڌ ۾ ڪئنال منصوبي خلاف پنڌ مارچ،احتجاج،ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) فريدآباد ۾ عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ جي اين کوسو ايڊووڪيٽ رحيم بخش ٻگھيو، صائمه کوسو، نسيم لغاري، شائتسته کوسو، افشان ٻگھيو، سنڌو ٻگھيو، ايڊووڪيٽ محمد اعظم خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سليم کوسو، ظفر سولنگي، مختيار کوسو، مشتاق انقلابي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين عورتن ٻارڙن جو سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نيلام ڪرڻ واري منصوبن خلاف قائم جتوئي کان فريدآباد تائين نٽھڻ اس ۾ 10 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو. ڇنڊڻ موري اسٽاپ پھچڻ تي ڪارڪنن مٿان سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڳوٺاڻن ۽ شھرين گلن جي ورکا ڪئي. عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ غلام نبي کوسو پيادل مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجو درياء بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، سنڌو درياء مان ڌاڙيل ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿي ويندي پي پي جو ڪئنالن خلاف احتجاج ڊرامو آهي سنڌي عوام سمجهي ٿو ۔هنن چيو ته سنڌي عوام ڪئنالن کي رد ڪري چڪو آهي سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌو جي بقاء لاء ميدان ۾ آهي پر پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه ٿو هلي جنهن جا نتيجا خراب نڪرندا هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياء سنڌ جي شه رڳ آهي ڪو به درياء تي ڌاڙيل ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياء مان ڏنڊي جي زور تي ڪئنال ڪڍي ڪارپوريٽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمين تي والار ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي…..ٺٺي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف يونٽ ڳوٺ نور محمد ٿھيم يونين ڪائونسل پليجاڻي طرفان تڪراري ڪئنالن توڙي ڄام برانچ سميت مختلف واھن ۾ پاڻي جي کوٽ توڙي پاڻي کي ٽيل تائين پھچائڻ لاء ھڪ پيادل مارچ شاھد ٿھيم، حاجي محسن ٿھيم، خليل احمد ٿھيم، سعيد نبي ٿھيم، وحيد رند ۽ سيد امجد حسين شاھ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ نور محمد ٿھيم کان مين نيشنل ھاء وي تائين ڪري ڌرڻو ھڻندي چيو تہ سنڌ ۾ ھڪ آمراڻي طرز جي حڪومت فارم 47 تحت مسلط ٿيل آهي، جنهن سبب سنڌ جا وسيلا پاڻي زمينون سڀ ڀڳڙن مٺ ۾ تين وال ٿي رھيا آهن، ھنن چيو تہ پاڻي جياپو آهي ڪينال ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنهن صورت قبول ناھن، ھنن چيو ته اسان انڊس ڊيلٽا جي پوڇڙ جا رھاڪو آھيون سنڌو درياه کي پھرين کان ئي قابض حڪمرانن پنهنجي مفادن خاطر ناقص پاڻي ورھاست سبب واري جي ڍيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، مٿان وري سنڌو درياه بادشاهه مٿان ڪينال اڏڻ ھڪ وڏي سازش آهي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. ان کانسواء ضلعي جي شاخن واھن ۾ پاڻي بجائي واري اڏامي رھي آهي ٽيلن تي رھندڙ ماڻھو جر جو کارو زھر پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، ھنن گھر ڪئي تہ واھن ۾ پاڻي ڇڏي عوام کي اڃ مرڻ کان بچايو وڃي، ڌرڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ساجد جوکيو، مراد ساٽي، عرفان ماڻڪاڻي، راحيل ھالو، رمضان ميربحر، بختيار اڪزئي، سيد مظفر شاھ، حاجي رفيق جوکيو، جيئي سنڌ محاز اڳواڻ گلزار شاهه، امير ٿھيم، شاهزيب ٿھيم ۽ ٻيا پڻ ڌرڻي ۾ شامل ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو