دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سيوھڻ جي مدرسي ۾ دادو واسي معصوم نينگر عبدالڪريم ٻٻر جي بيدردي سان قتل واقعي خلاف دادو ۾ ٻارن جي حقن لاء ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سي آر سي جي سڏ تي سول سوسائيٽي ۽ شھري روڊن تي نڪري آيا هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، مظاهرين چيو ته وحشيت جو شڪار بڻيل معصوم نينگر عبدالڪريم ٻٻر جو قتل انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي، نينگر کي قتل ڪندڙ ھڪ نه وڌيڪ جوابدار آھن، روز بروز سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ معصوم ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ قتل جا واقعا ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته تعليمي ادارن، مدرسن توڙي سماج ۾ وحشت جو شڪار معصوم ٻارڙن جي قاتلن کي جلد ۽ سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ حڪومت تعليمي ادارن، مدرسن جي نگراني بهتر ڪري ته جئين معصوم گلن جهڙا ٻار وحشيت جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن، هنن چيو ته 14 سالا معصوم فرشتي جو قتل پوري سماج کي لرزي ڇڏيو آهي، معصوم اسلام ۽ تبليغ جي شوق ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو پر اتي وحشيت جي رُخ چڙهي ويو، هنن چيو ته جهڙي طرح معصوم فرشتي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي نه ٿو لڳي ته اهو انسان جو ڪم هوندو نه ئي ڪنهن هڪڙي ماڻهو جو ڪم آهي وحشي صفت معصوم گلن جهڙي ٻار جي هر عضوي کي ڀڳو آهي ۽ جسم جي 16 حصن تي ڌڪ جا نشان موجود آهن ٻانهون ٻن ٻن هنڌان ڀڳيون ويون آهن، ٽنڳون ٻئي ڀڳل آهن جسم جي ڪيترن ئي حصن تي تشدد جا نشان آهن، هي ڏوهه ڪنهن هڪ نه پر ان ڏوهه ۾ ٻيا به هٿ ضرور آهن هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ سميت اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته مدرسي ۾ موجود سڄي عملي ۽ مھمان ٿي آيل تبليغين کي جاچ ۾ شامل ڪري معصوم فرشي جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي نينگر جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي،










