سعودي زمين ۽ فضائي حدون ايران جي خلاف استعمال نه ٿينديون

سعودي زمين ۽ فضائي حدون ايران جي خلاف استعمال نه ٿينديون

رياض: (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڳالهين جي دوران سعودي ولي عهد واضح ڪيو ته سعودي عرب ايران جي خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت ۽ اشتعال انگيزي کي رد ڪري ٿو، پنهنجي زمين يا فضائي حدن کي ايران جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو.ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته ايران جي خلاف آمريڪي ڌمڪيون خطي ۾ عدم استحڪام جي سواءِ ڪجهه حاصل نٿيون ڪري سگهن اهو قدم علاقائي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي. ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خطي جي امن، استحڪام جي ضرورت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو