سعودي تيل ڪمپني آرامڪو جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)دنيا جي مشهور گڏيل توانائي ۽ ڪيميڪل ڪمپنين مان هڪ سعودي تيل ڪمپني آرامڪو، گئس اينڊ آئل پاڪستان لميٽيڊ (جي او) جا 40 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪري ورتا. سعودي تيل ڪمپني اڱاري تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آرامڪو ”جي او“ جا 40 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ حتمي معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.جي او هڪ ڊائون اسٽريم فيول، لبريڪنٽس ۽ فيسيليٽي اسٽورز آپريٽر آهي ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ريٽيل ۽ اسٽوريج ڪمپنين مان هڪ آهي. آرامڪو موجب اهو معاهدو ڪجهه روايتي شرطن (ريگيوليٽري منظوري سان گڏ) مشروط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو