اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي هائوسنگ سوسائٽين جو ڪيس اسان جي سامهون ناهي، ان معاملي تي الڳ نوٽيس جاري ڪري سگهجي ٿو.سپريم ڪورٽ ۾ هائوسنگ سوسائٽين جي فرانزڪ آڊٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آءِ بي جي هائوسنگ سوسائٽي آهي ته ان جو مقابلو ڪير ڪندو؟ ڏسجي ته زمينن تي قبضن واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ٿو يا نه.چيف جسٽس چيو ته بهتر ٿيندو ته اسان جي سامهون ڪا درخواست اچي، اسان پاڻ نوٽيس وٺڻ ۾ محتاط آهيون، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مقصد عوامي مفادن جو تحفظ آهي.هن چيو ته اسان ايف آءِ اي جي رپورٽ جو جائزو ورتو آهي، رپورٽ موجب 175 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته رپورٽ ۾ مجموعي اندازو لڳايو ويو آهي پر سوسائيٽي کان وضاحت نه گهري.ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي پنهنجو نالو نجي ڪاروبار ۾ ڪيئن استعمال ڪري سگهي ٿي؟ ڇا اهو مفادن جو ٽڪراءُ ناهي؟ جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي تي زمينن تي قبضن جا سنگين الزام آهن، زمينن تي قبضي ۾ آءِ بي به ملوث آهي.هن چيو ته انهن ادارن جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي،ھائوسنگ سوسائٽي نہ ھلائي.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
