سانگهڙ (ن س )سانگهڙ ۾ پيءُ ڌيءَ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، اهو واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو جنهن ۾ جوابدار پنهنجي 15 سالن جي ڌيءَ کي قتل ڪري سندس لاش پنهنجي گهر ۾ دفن ڪري ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جوابدار گهر مان فرار ٿي ويو آهي ۽ جلد گرفتار ڪيو ويندو.










