سانگهڙ:(ن س) سانگهڙ ڀرسان چوٽياريون ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو ٿي پيو جنهن تي فارنگ دوران 3 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا. جڏهن 20 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي سانگهڙ سول اسپتال آندو ويو آهي زخمين ۾ ننڍا ٻار به شامل آهن جن مان ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري نوابشاه ريفر ڪيو ويو آهي.فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ مشتاق جوڻيجو، عبدلرسول جوڻيجو علي بخش جوڻيجو شامل آهين جڏهين ته زخمين ۾ نويد جوڻيجو غلام رسول جوڻيجو عاشق جوڻيجو شامل آهن. اهڙي اطلاع ملڻ تي سانگهڙ مان پوليس جي وڏي نفري جهيڙي واري هنڌ پهڇي مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال آندا ويا.زخمين موجب جوڻيجا برادري جي ڏهن کان وڌيڪ هٿياربندن اسان جي ڳوٺ تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٽي ڄڻا موقعي تي مارجي ويا آهين هوڏانهن علائقي ۾ اهي به چوٻول آهين ته زمين جي مالڪي تان جوڻيجا برادري هٿياربندن حملو ڪري ڏنو جنهن سبب فائرنگ دوران ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن. جهيڙي جي اطلاع تي سوين شهري اسپتال گڏ ٿي ويا. مارجي ويلن جا مڙه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي بعد ڳوٺ ۾ قهرام متل آهي جڏهن ته جهيڙي جو اصل ڪارڻ معلوم نه نه ٿي سگهيو آهي.










