ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوريا جي سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني پنهنجي حريف آمريڪي ڪمپني ايپل تي طنز ڪندي چيو آهي ته اسين چارجر ۽ هيڊ فونز ڌار وڪرو ناهيون ڪندا. سام سنگ پنهنجي نئين ماڊل جي فونز جي مشهوري لاءِ ڪيل ٽوئيٽ ۾ ايپل ڪمپني جو نالو کڻڻ کانسواءِ سندن مذاق اڏائي آهي. ايپل ڪمپني گذريل هفتي آءِ فون 12 جي آن لان لانچنگ دوران نئين ماڊل جي فون سان گڏ چارجر ۽ ايئر پوڊ نه ڏيکاريا هئا. جنهن بعد سوشل ميڊيا تي بحث دوران ڪمپني کي ڪيترن ئي صارفين تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هو هر شئي ڌار ڌار وڪرو ڪري صارفين کي لٽي رهيا آهن.










