سارين جو اگهه گهٽ ملڻ ۽ موسچر جي آڙ ۾ ڪٽوتي خلاف ڌرڻو

ڳاڙهو(علي رضا پيروزاڻي) ميرپور ساڪري ۾ سارين جو گھٽ ريٽ ڏيڻ ۽ ناجائز ڪٽوتي خلاف آبادگارن جو  احتجاج ، ڳاڙھو ميرپورساڪرو مين نيشنل ھائي وي تي ٽائرن کي باهه ڏئي بلاڪ ڪري ڇڏيو. واپارين خلاف احتجاج دوران ٻن ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهيجي ويون.آبادگار رزاق مرگھر ڪارو گبول، عبداالله شورو، عارب ملاح ، ڌڻي بخش لاشاري ۽ ٻين چيو ته  تعلقي ۾ سڀ کان وڏي پيماني تي سارين جو فصل ٿئي ٿو پر واپارين ۽ رائس مل مالڪن ھڪ ھٽي قائم ڪري 22 موسچر تي 8 کان 10 ڪلو  في مڻ تي ناجائز ڪٽوتي ڪري رھيا آهن جيڪا غيرقانوني آهي.

سارين جو اگهه 1400 روپيا في مڻ آهي پر  ميرپور ساڪري تعلقي ۾ 1200 مڻ اگهه مقرر ڪري ٻنهي ھٿن سان آبادگارن کي لٽيو پيو وڃي. ھنن چيو ته مزدوري پڻ آبادگارن مٿان مسلط ڪئي پئي وڃي. ھنن مطالبو ڪيو  ته سارين جو سرڪاري ريٽ جون ساڪري جي ملز مالڪان کان لسٽون لڳرائي ميرپور ساڪري تعلقي جي آبادگارن کي معاشي بحران مان ڪڍيو وڃي.

سارين جو اگهه گهٽ ملڻ ۽ موسچر جي آڙ ۾ ڪٽوتي خلاف ڌرڻو” هڪ تبصرو

  1. تمام بہترین کاوش ہے روزنامہ سندھ یار ایک بہترین پرچہ ہے جیو اعجاز مہر جیو سندھ یار ٹیم

پهنجو تبصرو موڪليو