ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي جي ڌيءَ جي ڪار کي حادثو پيش آيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سارو گنگولي جي ڌيءَ ثنا جمعي جي ڏينهن پنهنجي ڪار ۾ ڪولڪتا جي ڊائمنڊ هاربر روڊ ڏانهن وڃي رهي هئي ته هڪ بس سندس ڪار کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.جڏهن حادثو پيش آيو ته ثنا ڪار اندر هئي ۽ ڊرائيور ڪار هلائي رهيو هو پر حادثي ۾ ثنا ۽ ڊرائيور محفوظ رهيا.حادثي کانپوءِ بس ڊرائيور بس سميت فرار ٿي ويو، جنهن کي ڪجهه فاصلي کانپوءِ ثناءَ جي ڊرائيور روڪي ورتو.ميڊيا رپورٽن موجب پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي بس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بس جي ٽڪر ۾ سارو گنگولي جي ڌيءَ ثنا جي ڪار کي ڪجهه نقصان پهتو.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي بابت هن وقت تائين ڪنهن به باضابطه شڪايت داخل نه ڪئي آهي.










