سائبر سيڪيورٽي وڏو مسئلو بڻيل آھي: بلاول ڀٽو

سائبر سيڪيورٽي وڏو مسئلو بڻيل آھي: بلاول ڀٽو

ڄامشورو(ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته توھان جي ڪاميابي جي جشن ۾ شريڪ ٿي خوشي ٿئي آھي. ھن چيو ته سنڌو تھذيب انساني تھذيب جو وڏو حوالو آھي. اسان جي ماڻھن موھن جي دڙي جھڙا شھر اڏيا جتان جو نيڪاسي جو نظام اڄ به وڏو مثال آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن مھراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري سنڌ وڌيڪ ڀوڳي رھي آھي،.سمنڊ جي چاڙھ سان زمين وئي آھي..ماڻھن کي ٻوڏن دوران لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آھي. ھن چيو ته جٽادار ترقي لا ماحولياتي سختين کان محفوظ زراعت ۾ آھي. ھن چيو ته ماحولياتي تبديلي رڳو ماحولياتي مسئلو ناھي پر انصاف جو به مسئلو آھي. ھن چيو ته فطرت جي سامھون انسان کي ڏکيائون آھن. بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ سائبر سيڪيورٽي اسان جي دور جو وڏو مسئلو آھي. ھن چيو ته ھر فرد کي ڊجيٽل دنيا جي مشڪلاتن ۽ سھولتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. بلاول ڀٽو چيو ته سافٽ ويئر ٺاھڻ، آرٽيفشل انٽيليجنس تي ڪم ڪرڻ ۽ ٻيون ايجادون ڪرڻ وارا نوجوان اڄوڪي دنيا کي بچائي ۽ اڳتي وٺي وڃي سگھن ٿا. چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي چيو ته گڏيل مفادن تي گڏجڻ گھرجي ورھائجڻ ۽ تقسيم ٿيڻ کان بچڻ گھرجي. بلاول ڀٽو چيو ته پنھنجي تعليم کي پنھنجي ماڻھن پنھنجي صوبي ۽ ملڪ جي ترقي لا استعمال ڪريو. ھن چيو ته ڄامشورو ۾ پڙھندڙ نوجوان دنيا ۾ نالو ڪمائيندا. بلاول ڀٽو چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جا شاگرد، سنڌ جا شاگرد سعودي ۽ دبئي ۾ بہ مقابلو کٽي آيا آھن. نوجوان شروعاتي زندگي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري چڪا آھن. ھي نوجوان ملڪي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندا. بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جو وڏو وزير به انجنيئر آھي، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر بہ انجنيئر آھي ھي ايترا مھراڻ جا انجنيئر مھراڻ جا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪون ھجن، توھان زندگي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رھيا آھيو، توھان کي مھراڻ مان جيڪو سيکاريو ۽ پڙھايو آھي اھو سنڌ ۽ ملڪ جي خوشحالي لا ڪم آڻيندا. سيد مراد علي شاھ چيو ته انجنيئر، ٽيڪنالاجي جا ماھر ۽ سائنسدان قومي ترقي ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا آھن. ھن چيو ته پيشور زندگي جي ڏکيائين مان سکڻ گھرجي ۽ انھن چيليجز مان ئي موقعا پيدا ٿيندا آھن. سيد مراد علي شاھ چيو ته ٻين جي زندگين تي مثبت اٽر وجھندڙ نوجوان اسان لا آھن آھن. وڏي وزير چيو ته پنھنجي ماڻھن سان جڙيا رھجو، تبديلي آڻڻ وارا ٿجو. سيد مراد علي شاھ چيو ته انجنيئرنگ جو شعبو عظيم آھي. ھن چيو ته ملڪ جو مستقبل اڄ ڊگري وٺندڙ نوجوان آھن. انسانيت جي خدمت وڏي ۾ وڏي عبادت آھي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته اڄوڪو ڏينھن والدين، شاگردن ۽ استادن جو ڏينھن آھي. مھراڻ يونيورسٽي ۾ اڄ المنائيز جي اڪثريت آيل اھي، انھن ۾ ڪجھ وزير آھن، ڪجھ قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جا ميمبر آھن. ھن بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توھان نوجوانن جي ترقي ۽ تعليم لا فڪرمند رھندا آھيو، ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ڀٽو شھيد جي دور ۾ ٺھي ھئي، اڄ بلاول انھي ورٽي جو وارث اسان وچ ۾ آھي. ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ملڪ جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ بھترين رينڪنگ تي آھي. صوبي جي پھريون نمبر يونيورسٽي آھي. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ھڪڙي ڪلچر جو نالو آھي. تدريسي ادارن ۽ صنعتي ادارن جي ويجھڙائي سان ملڪ ترقي ڪري سگھندو. پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته اسان چاھيون ٿا ته مھراڻ يونيورسٽي پاران بلاول ڀٽو جي نالي نوجوانن جي سکيا جو ادارو کلي جنھن لا مھراڻ يونيورسٽي جي سائيٽ حيدرآباد ۾ زمين موجود آھي. جتي ميٽرڪ ۽ انٽر پاس نوجوانن کي تربيت ۽ سکيا ڏئي روزگار لائق بڻايو وڃي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ بسون ڄامشورو جي يونيورسٽين لا ھلائي مھراڻ يونيورسٽي چارجنگ لا جاء ڏيندي.مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيرئنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واريون ڪانووڪيشن ۽ روزگار ميلي جون تقريبون شروع ٿي ويون، پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪانووڪيشن تقريب جي صدارت ڪئي. ڪانووڪيشن جي افتتاحي تقريب دوران 19 پي ايڇ ڊي، 58 ماسٽرز ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ شعبي جي 80 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. گولڊ ۽ سلور ميڊل جو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ شاگردياڻيون اڳتي رهيون. بيسٽ گريجوئيٽ ۽ فئڪلٽي ٽاپ جا ٻـ گولڊ ميڊل ۽ شعبي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي رياضي شعبي جي اقرا شبير احمد هڪ سلور ميڊل حاصل ڪري سڀني کان نمايان رهي. ميڪاٽرانڪس شعبي جي شاگردياڻي آصفـ فاطمـ فئڪلٽي ٽاپ جو گولڊ ميڊل ۽ شعبي ۾ پهرين پوزيشن کڻڻ تي هڪڙو گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، اليڪٽرانڪس شعبي جي ياشـ عظمت خان فئڪلٽي ٽاپ ڪرڻ تي هڪڙو گولڊ ۽ شعبي ۾ پهرين پوزيشن ماڻڻ تي هڪڙو سلور ميڊل ماڻيو، ٽيڪسٽائل انجنئيرنگ شعبي جي شيزا رخسان علي آرائين بيسٽ گريجوئيٽ جو گولڊ ميڊل ۽ شعبي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي هڪڙو سلور ميڊل ماڻڻ ۾ ڪامياب وئي. جڏهن ته سول انجنيئرنگ شعبي جي سيد علي احمد فئڪلٽي ٽاپ ڪرڻ تي هڪڙو گولڊ ميڊل ۽ شعبي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي هڪڙو سلور ميڊل حاصل ڪيو. پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگرن ۾ 10 شاگرد ۽ 14 شاگردياڻيون شامل آهن.جڏهن ته ٻن ڏينهن دوران مهراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ ڪل 977 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون وينديون. ڪانووڪيشن جي ٻئي ڏينهن تي پهرين نشست دوران 269، ٻئين نشست ۾ 268 ۽ ٽئين نشست دوران 283 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون وينديون. ڪانووڪيشن جي ٻئي ڏينهن تي روزگار ميلي دوران 50 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ ادارن پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کان سي ويز ۽ انٽرويوز وٺي اهل اميدوارن کي اتي ئي روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو