لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صوبائ اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته وزيراعليٰ مريم نواز جي قيادت ۾ پنجاب ۾ هاڻ ڪنهن غريب يا ڪمزور شخص جي زمين تي قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو.هن چيو ته نئين پراپرٽي آرڊيننس جي منظوري سان مريم نواز قبضه مافيا جو مستقل خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي ۾ قبضه مافيا خلاف تاريخي ۽ انقلابي قدم کڻندي پنجاب پروٽيڪشن آف اونر شپ آف امويبل پراپرٽي آرڊيننس 2025ع جي منظوري ڏني هئي جنهن جي تحت پنجاب ۾ ڪنهن به شهري جي ملڪيت تي ناجائز قبضو هاڻ ناممڪن ٿي ويندو.وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو ته جنهن جي ملڪيت، انهي جو حق آهي، پنجاب ۾ قبضه مافيا جو باب هميشه جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. عظميٰ بخاري چيو ته ماضي ۾ زمينن تي قبضي جا ڪيسز 40-40 سال عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ رهندا هئا پر هاڻ هر ڪيس جو فيصلو 90 ڏينهن جي اندر ڪيو ويندو.هن چيو ته مريم نواز پنجاب جي نظام حڪومت کي رياست هوندي ماءُ جي حقيقي ماڊل ۾ تبديل ڪري رهي آهي. صوبي ۾ غيرقانوني سرگرمين، هٿيارن جي نمائش ۽ شهرين ۾ خوف حراس پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.صوبائي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته عوام جي حقن جو تحفظ ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ مريم نواز جي اولين ترجيح آهي. پنجاب ۾ ترقي ۽ گورننس جو نئون رجحان متعارف ٿيو آهي. اهو هاڻ ٻين صوبن لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي چڪو آهي.عظميٰ بخاري موجب مريم نواز عوام جي معيار زندگي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ روزانه نوان منصوبا شروع ڪري رهي آهي جڏهن ته وسيلن جي شفاف استعمال تي ۽ ميرٽ تي ٻڌل پاليسي پنجاب حڪومت جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي.










