زال جو قاتل مڙس ٻن ڏينهن جي وڌيڪ رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت زال جي قتل الزام هيٺ گرفتار جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، بلديا پوليس جوابدار عمر ميمڻ کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ڊيوٽي مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪيو، ڊيوٽي مئجسٽريٽ جوابدار جي رمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 24 جولاءِ تي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، 15 جولاءِ تي آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خالد حيدر جي پٽ عمر ميمڻ پنهنجي زال قرت العين عرف عيني کي مبينا طور تشدد ڪري قتل ڪيو 16 جولاءِ تي بلديا پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو