ریاست خلاف هٿيار کڻندڙن لاءِ قرآن ۾ آيت موجود آهي:  نقوي

ریاست خلاف هٿيار کڻندڙن لاءِ قرآن ۾ آيت موجود آهي: نقوي

لاهور: (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته رياست جي خلاف هٿيار کڻندڙن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ واضح هدايتون موجود آهن اهڙا قدم کڻندڙن جي خلاف ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ جامعه اشرفيه لاهور جو دورو ڪيو جتي هنن مولانا فضل الرحيم جي وفات تي تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. صحافين سان ڳالهين ۾ محسن نقوي چيو ته قانون لاڳو ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. احتجاج ڪندڙن کي منهن ڏيڻ جو تجربو موجود آهي جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته مناسب ڪارروائي ڪئي ويندي. جن جو ڪم آهي اهي ئي ڪم ڪندا.محسن نقوي چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان پڇيو وڃي ته انهن پنهنجن آفيسرن جي حفاظت لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ وزيراعليٰ کان انهي جي ڪارڪردگي بابت پڇيو وڃي.وزيراطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان جي معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جا ماڻهو ٽانگي جون سواريون آهن، انهي کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس.

پهنجو تبصرو موڪليو