دبئي (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي رچين رويندرا ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان هيلي ميٿيوز کي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو آهي.رچين رويندرا کي آڪٽوبر ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مردن جي ڪيٽيگريءَ ۾ مهيني جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي.ڀارت جي جسپريت بمراه ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ کي به ان لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه بنگلاديش جي ناهيده اختر ۽ نيوزيلينڊ جي اميليا ڪير کي به عورتن جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
