رپئي ۾ استحڪام جو جاري، ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپيو آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مستحڪم رجحان تي آهي.ڪاروباري ڏينهن جي شروعات کان وٺي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 7 پئسا گهٽتائي سان 284 رپيا 65 پئسا ٿي ويو آهي. گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 285 رپيا 72 پئسا هو. ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي ۽ 100 انڊيڪس 107 پوائنٽس جي واڌ سان 46864 جي سطح تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو