لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي نئين ڪپتان شان مسعود ٽيسٽ فارميٽ لاءِ ڪپتان چونڊجڻ تي پي سي بي جا ٿورا مڃيا آهن.هن ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته پاڪستان لاءِ کيڏڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، پي سي بي جو شڪر گذار آهيان ته مون کي ٽيم جي قيادت جو موقعو ڏنو.هن چيو ته ريڊ بال هڪ مشڪل فارميٽ آهي، اهو هڪ چيلنج آهي ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ٽيم کي اڳتي وٺي هلون، اسان چاهيون ٿا ته اهڙي برانڊ ڪرڪيٽ کيڏجي جيڪا اسان جي سڃاڻپ بڻجي.
