رينجرز جي ڪارروائي، قادري گينگ جا 3 جوابدار گرفتار

رينجرز جي ڪارروائي، قادري گينگ جا 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز ڪراچي جي علائقي لياري ۾ ڪارروائي دوران قادري گينگ جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن کان 5 موبائل فون، ڪيش ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته قادر ۽ سندس ٽولي لياري، گارڊن، سي ويو ۽ ملير سميت مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ واقعن ۾ ملوث هئا.
هن چيو ته جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته انهن 70 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ 250 موبائل فون ڦريا آهن، جڏهن ته جوابدارن واقعن مان 35 لک رپين تائين جي رقم وصول ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. ان کان علاوه جوابدار غلام قادر هٿيارن جي غير قانوني خريداري ۽ وڪري ۾ پڻ ملوث هو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته حارث عرف گولڊن چوري ٿيل موٽرسائيڪلن جا پرزا وڪرو ڪندو هو، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو