ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روڊ پرمٽ فيسن ۾ واڌ خلاف ۽ ايڪسل لوڊ قانون جي بحالي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽر اڄ کان اڻڄايل مدي تائين سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري ڇڏي. هاڪس بي ٽرڪ اڏي تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي جڏهن هت ڪاٺوڙ وٽ روڊ ڪناري سان گاڏيون بيهاريون ويون آهن. گُڊز ٽرانسپورٽرز جي ترجمان امداد حسين نقوي مطابق ٽرانسپورٽرز جو بنيادي مطالبو اهو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب سڄي ملڪ ۾ ايڪسل لوڊ لمٽ في الفور نافذ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته گڊز ٽرانسپورٽرز ڪنهن به صورت ۾ اوور لوڊنگ نه ٿا چاهين ليڪن وفاقي حڪومت ايڪسل لوڊ لمٽ ختم ڪري ٽرانسپورٽرز کي اوور لوڊنگ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. امداد حسين مطابق هڙتال دوران ڪراچي ۾ هاڪس بي ٽرڪ اڏي تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي آهي ۽ ملڪ جي هاءِ ويز تي گاڏيون روڊ ڪناري بيهاريون ويون آهن جيستائين مطالبا پورا نه ٿيندا تيستائين ڦيٿاروڪ هڙتال جاري رهندي. گڊز ٽرانسپورٽر اڳواڻ عباس آفريدي مطابق پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي لوڊ جي سرعام خلاف ورزي ٿي رهي آهي ۽ اهڙي عمل جي حڪومتي سطح تي پڻ حوصلا افزائي جاري آهي. هن جو چوڻ هو ته اضافي لوڊ سبب ايڪسيڊنٽ جي شرح وڌي وئي آهي قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن اضافي لوڊ سبب 70 سال ۾ تعمير ٿيندڙ روڊ انفرااسٽرڪچر تباهه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گُڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال ۾ اي سي نان اي سي بسن جون تنظيمون به شامل آهن.
