روڊ جي تعمير لاءِ شهرين جو احتجاجي پيادل مارچ

روڊ جي تعمير لاءِ شهرين جو احتجاجي پيادل مارچ

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)درگاهه اولياء راڄسين کان نندو روڊ جي تعمير لاء سوين ڳوٺاڻن جو پيدل لانگ مارچ، شاهنواز چوڪ تي ڌرڻو، سخت نعريبازي, تفصيل موجب اولياء راڄسين سومراڻي کان ڪارو علي بحر واه کان 3 ڪلو ميٽر روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف روڊ ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاجي پيادل  مارچ ڪري پريس ڪلب نندو کان ٿيندي شاهنواز چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي روڊ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن حسين درس، فدا درس، احمد کٽي، وڏيرو نواز سرڪي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مذڪوره روڊ تي هڪ سئو کان مٿي ڳوٺ آباد آهن, جنهن ۾ هزارين ماڻھون رهن ٿا، هنن چيو ته روڊ نه هئڻ سبب بيماري ۽ برسات سميت ايمرجنسي جي صورت ۾ ۽ اولياء راڄسين سومراڻي تي جنازه پڻ کڻي وڃڻ تي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو, هنن چيو ته ڄاڻايل روڊ ٺاهڻ لاء اليڪشن دوران هر وڏيري کي منٿ ڪريون ٿا, ووٽ وٺڻ محل ڪوڙا دلاسا ڏيئي وري چونڊجڻ بعد ظاهر ڪونه ٿيندا آھن، هنن وڌيڪ چيو ته روڊ جي ٽينڊر نڪرڻ تائين هي احتجاجي تحريڪ جاري رهندو, هنن چتاءُ ڏنو ته اڄ نندو شھر ۾ سڀاڻي بدين ۽ آخر ۾ وزيراعليٰ هائوس تائين به ڌرڻو هڻنداسين, انهي موقعي تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن سجاد ملاح، خادم ميمڻ، عمر ملاح ۽ ٻين پريس ڪلب نندو اڳيان اولياء راڄسين سومراڻي کان نندو تائين نڪتل پيادل مارچ تي گلن جي ورکا ڪري سندن آجيان ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو