رمضان ۾ ريپ ڪندڙ مولوي جي رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڊيوٽي مئجسٽريٽ حبيبه سرفراز رمضان شريف جي مهيني ۾ ٻار سان زنا جي الزام ۾ گرفتار جوابدار مولوي ابوبڪر معاويه جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏيندي کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. فيصل آباد جي تانديا والا ۾ رمضان شريف جي مهيني ۾ پيش آيل واقعي بعد پوليس جوابدار کي متاثره ٻار جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو هو پر علامه ابتسام الاهي ظهير ٻار جي والد سان ملاقات ڪري کيس ڪيس واپس وٺڻ لاءِ راضي ڪيو هو. جنهن بعد ٻار جي والد ’الله جي رضا‘ خاطر ڪيس واپس وٺي ڇڏيو هو ۽ جوابدار هڪ ڏينهن بعد آزاد ٿي ويو هو. ڪيترن مولوين کيس گلن جا هار پارايا هئا. جنهن بعد ميڊيا ۾ ريپ ڪيس جي جوابدار پاران متاثره ٻار جي خاندان تي دٻاءَ جي خبرن سبب پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي حڪم تي لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري پوليس جوابدار کي ٻيهر گرفتار ڪيو هو. پوليس جاچ ۾ ڄاڻايو هو ته جوابدار جي آزادي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي سنگين خلاف ورزي آهي. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ حاضري تي چالان پيش ڪيو وڃي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جنوري 2019 ۾ پنچائيت ۽ قبيلائي جرڳن کي ڪينگرو ڪورٽ قرار ڏيندي انهن جي فيصلن کي غير قانوني قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو