رستم مان اغوا ٿيل 2 مغوي پوليس بازياب ڪرائي ورتا

رستم مان اغوا ٿيل 2 مغوي پوليس بازياب ڪرائي ورتا

لکي غلام شاھ (رپورٽ:نثارمنگي)رستم ٿاڻي جي حد مان هفتو اڳ اغو ٿيل رستم واسي 2 نوجوان اسدالله آرائين ۽ شاهد قريشي گذريل رات دير سان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن, اهڙي اطلاع بعد ڪيترائي شهري بازياب ٿيل نوجوانن جي گهر پهتا, ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهتل نوجوانن کي سندن وارثن ڏسندي ئي سيني سان لائي خوشي وچان لڙڪ لاڙي ويٺا, ان موقعي تي بازياب ٿيل اسدالله آرائين ۽ شاهد قريشي صحافين سان مختصر ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڌاڙيل اغوا ڪرڻ بعد اکين تي پٽيون ٻڌي ڪچي طرف کڻي ويا, جتي زنجيرن سان ٻڌي سخت تشدد ڪندا هئا, جڏهن ته ڏينهن جو وڻن جي هيٺان ٻڌي ويهاريندا هئا ۽ رات جو هڪ ڪمري ۾ بند ڪري پهرو ڏيندا هئا, هنن چيو ته ڌاڙيل گذريل رات دير سان اسان کي ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته اوچتو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو, جنهن دوران ڌاڙيل رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي اسان کي ڇڏي فرار ٿي ويا, هوڏانهن ڊي ايس پي خانپور غلام رسول پنهور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي ڪامران نواز پنجوٽا جي اڳواڻي ۾ نوجوانن جي بازيابي لاءِ هڪ هفتي کان آپريشن ھلندڙ هو, جنهن دوران پوليس ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباھ پڻ ڪيا, جڏهن ته گذريل رات دير سان ڌاڙيل ٻنهي مغوي نوجونن کي ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهو اطلاع ملڻ بعد مرزا واھ وٽ ناڪابندي ڪئي, جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو, مقابلي دوران ڌاڙيل رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي مغوي نوجوانن کي ڇڏي فرار ٿي ويا, بازياب ٿيل ٻنهي نوجوانن کي سندن وارثن حوالي ڪيو ويو آهي, هوڏانهن رستم شهر ۾ شهرين پاران نوجوانن جي بازيابي جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي هڪٻئي کي مٺايون پڻ کارايون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو