ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن ۽ ناقابل معافي آهن.آصف علي زرداري خيبرپختونخواه ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.واضح رهي ته خيبرپختونخواهه جي ضلعي باڙه بازار ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
