دهشتگردي جي عفريت جي خاتمي تائين جدوجهد لوهي عزم سان جاري رهندي:شهباز

دهشتگردي جي عفريت جي خاتمي تائين جدوجهد لوهي عزم سان جاري رهندي:شهباز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 16 ڊسمبر سڄي پاڪستان جي دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ جو ڏينهن آهي. سانحي اي پي ايس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته هر سال 16 ڊسمبر سڄي قوم کي ان درد ۽ ڏک جي ياد ڏياريندو آهي جڏهن دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي ظلم ڪيو هو.شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سالن کانپوءِ به اهو غم آهي جيڪو وساريو ناهي، اڄ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، پاڪستاني قوم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن سڄي پاڪستان جي دهشتگردي خلاف هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن سڄي دنيا لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هن عفريت جي مڪمل تباهي تائين ساڳئي لوهي عزم ۽ ثابت قدمي سان اهو ڏينهن جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو