دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي ته اسان سان ويهي پاليسي ٺاهيو

دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي ته اسان سان ويهي پاليسي ٺاهيو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته اسان وڏي مشڪل سان صوبي ۾ امن قائم ڪيو هو، پر بند ڪمرن جي فيصلن اسان جي زندگي ٻيهر حرام ڪري ڇڏي آهي.شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته اسان بار بار پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڏيندا رهنداسين.هن چيو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها خوف جا نه پر عوام جي درد جا آهن، 14 سالن کان اسان جا خيبرپختونخواهه جا ماڻهو دربدر آهن.سهيل آفريدي چيو ته اسان وڏي مشڪل سان خيبرپختونخواهه ۾ ٻيهر امن قائم ڪيو، بند ڪمرن جي فيصلن اسان جي زندگين کي ٻيهر ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي، اسان کي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ۽ آپريشن ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان واقعي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اچو ۽ اسان سان پاليسي ٺاهيو.هن چيو ته ٻڌايو ويو ته جنهن جو گهر تباهه ٿئي ٿو، ان کي سڄي گهر لاءِ 400,000 رپيا ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو