داعش ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون سنگين خطرو قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته داعش ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيون دهشتگرد تنظيمون پاڙيسري ملڪن لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهن.گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري اداري جي هڪ آفيسر سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته داعش ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمون بشمول تحريڪ طالبان پاڪستان نيٽو جهڙن هٿيارن سان هٿياربند آهن، جيڪي تڪراري علائقن ۽ پاڙيسري ملڪن لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهن.رپورٽ موجب پاڪستان ۾ جولاءِ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ دهشتگرد تنظيم داعش ملوث ٿي سگهي ٿي.عالمي اداري موجب گڏيل حڪمت عملي کانسواءِ اڪيلي طاقت جو استعمال صورتحال کي خراب ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو