نوجوان ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

نوجوان ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

خيرپور ناٿن شاه (ن س ) خيرپور ناٿن شاہ جي يقين شاهه محلي جو رهواسي 15 ورهين جو نوجوان اعجاز ولد عبدالرسول چانڊيو مبينا طور ڳچي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.خيرپور ناٿن شاهه ۾ منشيات جو وڌندڙ واهپو نوجوان نسل جي تباهي تي آڻي ڇڏيو، سڄاڻ ڌرين پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو گڏيل جدوجهد جي اپيل ڪري ڇڏي، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات جي وڌندڙ واهپي تي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي علائقي جي ساڃاه وندين کي گڏجي آواز اٿارڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.شهرين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته منشيات جو زهر اسان جي نوجوانن کي تباهه ڪري رهيو آهي ۽ ڪيترائي گهر اجڙي رهيا آهن. شھرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته صحافي، وڪيل، استاد ۽ سماجي اڳواڻ هن ناسور خلاف ٻڌي جو مظاهرو ڪن.منشيات فروشن خلاف فوري پوليس آپريشن ڪيو وڃي.جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهياسين ته ايندڙ نسل اسان کي ڪڏھن به معاف نه ڪندو.هنن انتظاميه کان گهر ڪئي ته منشيات فروشن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري علائقي جي نوجوانن جي مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو