مينگورهه(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سهيل آفريدي چوي ٿو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ ناممڪن آهي، اهي ماڻهو مون کي نااهل قرار ڏيڻ چاهين ٿا.مينگوره ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڳالهين ۽ احتجاج جو اختيار محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس کي ڏنو ويو آهي.سهيل آفريدي چوي ٿو ته خيبر پختونخواهه جي ماڻهن باني پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو آهي، جيڪو ڪجهه ٿيندو، اهو ثبوتن سان هوندو.هن چيو ته مان تيراه جي ماڻهن سان گڏ جرڳو ڪندس ۽ پاڻ اتي ويندس.










