پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته عمران خان کي وزيراعظم جي ڪرسي تان صرف انهي لاءِ هٽايو ويو ته اهو هڪ ملڪ کي پسند نه هو، عمران خان کان سواءِ ڪنهن ٻئي ۾ ايبسلوٽلي نات چوڻ جي طاقت نه آهي ڇو ته سڀني کي پنهنجا ذاتي مفاد عزيز آهن.يونيورسٽي آف هريپور جي پنجين ڪانووڪيشن کي خطاب ۾ هن چيو ته فارغ التحصيل شاگردن کي مبارڪباد ڏيان ٿو اميد آهي ته اهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن غازي يونيورسٽي آف هريپور جي تعلقه ڪيمپس جي قيام جو اعلان ڪيو.سهيل آفريدي چيو ته هي اسان جو صوبو آهي، اسان روڊ به ٺاهينداسين ۽ ٻيا مسئلا به حل ڪنداسين. اسان جا دل وڏا آهن اسان سڀني کي ڀليڪار چئون ٿا. اسان ڪنهن جي لاءِ لائٽون، روڊ ۽ مارڪيٽون بند نه ڪندا آهيون.وڏي وزير چيو ته مان فارم 47 جي مڙهيل ٽولي کي سياست ۽ حڪمراني ٻنهي ميدانن ۾ عبرتناڪ شڪست ڏيندس. ملڪ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن. دنيا چنڊ تي پهچي وئي آهي پر اسان بدقسمتي سان امن جي خيرات گهري رهيا آهيون.هن چيو ته بند ڪمرن ۾ ٻاهرين سازش جي ذريعي هڪ چونڊيل وزيراعظم کي هٽايو ويو، صرف انهي لاءِ ته هو هڪ پرڏيهي ملڪ کي پسند نه هو. عمران خان ڪافرن جي زمين تي مسلمان امت جي لاءِ آواز اٿاري اهوئي سبب هو ته عمران خان انهن جي لاءِ ناقابل برداشت هو ڪنهن ٻئي ۾ ايبسلوٽلي ناٽ چوڻ جي طاقت ناهي، ڇو ته سڀني کي پنهنجا ذاتي مفاد عزيز آهن.سهيل آفريدي چيو ته تيراهه جي ماڻهن کي سخت برفباري ۾ زبردستي گهرن مان ڪڍيو ويو، زبردستي لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڪجهه بيشرم وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ۾ اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته تيراهه جا ماڻهو برفباري سبب لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن. هڪ طرف تيراهه جا ماڻهو پاڪستان جي لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، ٻئي طرف بيشرم سياستدان انهن جو مذاق اڏائي رهيا آهن. ڪوبه شخص پنهنجي مرضي سان پنهنجو گهر ناهي ڇڏيندو. هنن ماڻهن کي زبردستي ڪڍيو ويو انهن کي ڪابه مالي مدد فراهم نه ڪئي وئي.وڏي وزير چيو ته سياسي مسخرن جا مفاد پاڪستان سان جڙيل نه آهن انهن جا مفاد صرف ڦر مار سان جڙيل آهن. پاڪستاني عوام جا پئسا ڦر ڪري پرڏيهي ملڪن ڏانهن ڀڃي وڃن ٿا انهن جو مقصد آهي ته جيڪو به پاڪستان ۾ انهن جي سامهون بيهندو هي انهن سان تمام برو حشر ڪندا آهن پر مان نه جهڪندس. سموري دنيا جي طاقت منهنجي ضمير جو سودو نٿي ڪري سگهي. مان عوام جي مدد سان انهن جو مقابلو ڪندس. جيڪو به منهنجي صوبي جي مفاد ۾ نه هوندو مان انهي جي هر پاليسي جي خلاف بيهندس.سهيل آفريدي چيو ته جيڪڏهن ٻاهرين جارحيت کي منهن ڏيڻو پيو ته فوج کان پهريان پختون انهن جو مقابلو ڪندا پر واضح ڪري ڇڏيان ته آئنده ڪنهن ٻاهرين جنگ جو حصو نه بڻجنداسين.










