اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جو اسپتال ۾ اکين جو معائنو ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب صحافين سان ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ ٻڌايو ته اکين جي طبي ماهرن اڊياله جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي اکين جو معائنو ڪيو. طبي ماهرن تجويز ڪيو ته معمولي طبي ڪارروائي لاءِ عمران خان کي پمز اسپتال وٺي وڃڻ ضروري آهي.هن ٻڌايو ته طبي ماهرن جي سفارش تي گذريل ڇنڇر جي رات عمران خان کي پمز اسپتال اماڻيو ويو، جتي پي ٽي آءِ باني چيئرمين جي لکت ۽ رضامندي کان پوءِ طبي ڪارروائي ٿي جنهن کان پوءِ انهي کي ضروري هدايتن سان واپس اڊياله جيل آندو ويو.عطاءُالله تارڙ چيو ته طبي ڪارروائي جي دوران پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين صحتمند هو، سمورن قيدين کي طبي سهوليت تائين پهچ حاصل هوندي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه رولز موجب ٿيندو آهي.هن وڌيڪ چيو ته طبي ڪارروائي طبي ماهرن جي سفارش ۽ عمران خان جي راضپي کان پوءِ ٿي هاڻ باني چيئرمين صحتمند آهي، افواهن کان پاسو ڪيو وڃي.










