ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته منافعو يا نقصان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ، ڪاروبار خانگي شعبي کي هلائڻ گهرجن، حڪومت وٽ سڀ ڪجهه پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت ناهي.ڪراچي ۾ ايس اي سي پي جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪرڻ آهي، انشورنس سيڪٽر هڪ سٺي موڙ تي آهي، ۽ زراعت جي شعبي ۾ ڪجهه جدت آئي آهي.محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي دبئي ۾ ملاقات ڪئي، ڪرسٽالينا جارجيوا اعتراف ڪيو ته اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي.وفاقي وزير چيو ته ڪرسٽالينا جارجيوا آءِ ايم ايف پروگرام بابت پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.










