اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان، پيٽرول 8 رپيا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي.ناڻي واري وزارت پيٽرول، ڊيزل جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 323 رپيا 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا في ليٽر گهٽتائي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 318 رپيا 18 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 77 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ 7 رپيا 53 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، رپئي جي قدر ۾ بهتري به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو.
