لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اسڪول بسون هلائڻ واري فيصلي تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي خاتمي بابت درخواستن جي آخري ٻڌڻي تي 2 صفحن تي ٻڌل حڪم جاري ڪيو هو.عدالت سموگ جي خاتمي واري درخواستن تي جاري ڪيل حڪم ۾ چيو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن کي سياري جي موڪلن کانپوءِ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.آرڊر ۾ ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو وڏين گاڏين جي باقاعده چڪاس ڪري ۽ ڊيٽا لاءِ پاليسي ٺاهي.حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ايڇ اي لاهور ۾ ڪونوڪارپس پلانٽ لڳائڻ بند ڪري ۽ ان جا وڻ اکاڙي ڇڏيو،آرڊر ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ماحولياتي تحفظ واري کاتي چيو آهي ته پٿر جي ڪٽڻ تي مڪمل پابندي آهي.










