حيدرآباد (ن ھھ )حيدرآباد شهر ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو پيش آيو آهي، تيز برسات سبب هيٺانهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، حيدرآباد، ٽنڊو الھيار، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، مٽياري ۽ هالا ۾ تيز هوائن سان تيز برسات پئي آهي،تيز برسات سبب هيٺانهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد شهر ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو پيش آيو آهي، الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، ۽ پمپنگ اسٽيشن هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي کي ڦليلي ڪينال جي پاڻي جي سطح کي زيرو تي آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ بجلي نه هجڻ سبب جنريٽرن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ تيز برسات سبب هيٺانهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. حيسڪو جي ترجمان موجب، حيدرآباد علائقي ۾ 220 فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن. ٽنڊو الله يار ۾ تيز هوائن سان تيز برسات سبب، هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.










