ڄامشورو: (ن س) حيدرآباد نجي اسپتال تاج ميڊيڪل اينڊ ٽراما سينٽر ۾ ڄامشورو واسڻ ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي وارثن ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام هڻندي جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي ڄامشورو جي رهواسي 22 ورهين جي نوجوان سجاد قمبراڻي پريس ڪلب پهچي دانهيندي ڇيو آهي ته منهنجي گھرواري 22 ورهين جي عاصمه ڳورهاري هجڻ ڪري کيس 2 اپريل تي لمس جي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ اينڊ نينويٽولاجي اسپتال کڻائي وياسين، جتي آءِ سي يو جي سهولت نه هجڻ سبب کيس حيدرآباد جي نجي اسپتال(تاج ميڊيڪل اينڊ ٽراما سينٽر) ۾ داخل ڪرايوسين، جتي ڊاڪٽرياڻي طاهره قمر اسان کي چيو ته مريض عورت ٺيڪ ٿي ويندي، توهان انتظار ڪريو، مان اسٽاف کي چئي ڇڏيوآهي اهي علاج شروع ڪن ٿا، پر ڊاڪٽرياڻي پنج ڪلاڪن بعد پهتي، تيستائين منهنجي گهر واري جي طبيعت ڪافي خراب ٿي چڪي هئي، ان باوجود اسان کان ڳري رقم وصول ڪئي وئي پر اسپتال انتظاميه گهر واري جو بهتر علاج ڪرڻ بدران کي ويتر موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو، اسان کي بعد ۾ ٻڌايو ويو ته سندس گڙدا فيل ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ اسان کيس ڪراچي کڻي وياسين جتي هوءَ فوت ٿي وئي.سجاد قمبراڻي چيو ته منهنجي گهر واري تاج ميڊيڪل اينڊ ٽراما سينٽر ۾ ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب فوت ٿي وئي آهي، منهنجو گهر اُجڙي ويو آهي، اقتدار ڌڻي نوٽيس وٺي اسپتال انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪن، مان اسپتال انتظاميا خلاف ڪورٽ سميت هر فورم تي ويندس، اسپتال ڪوس گهر بڻيل آهي، علاج جي نالي تي ماڻهن کان ڦُر لٽ ڪئي پئي وڃي.










