افغانين خلاف آپريشن، ڪيترائي گرفتاري بعد خصوصي سيل منتقل

افغانين خلاف آپريشن، ڪيترائي گرفتاري بعد خصوصي سيل منتقل

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد ۾ غير قانوني ترسيل افغانين شهرين خلاف مختلف علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو،پوليس ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيومارڪيٽ ۽ اي سيڪشن ٿاڻن جي پوليس جون پنهنجي حدن ۾ ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کي نادرا ڊوائس ذريعي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ٽنهي ڄڻن کي غير قانوني ترسيل ماڻهن لاءِ قائم هولڊنگ سيل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن جي نادرا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان جاچ ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو